جونپوري سيد محمد

جونپوري، سيد محمد: مهدوي تحريڪ جو باني سيد محمد جونپوري، جونپوريءَ شهر ۾ 842 هه/ 1438ع ۾ پيدا ٿيو. زهد، تقويٰ ۽ درويشيءَ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو. هن ستن سالن تائين لاڳيتو روزا رکيا. ورد وظيفا ڪيا ۽ گوشه نشيني ۽ زهد واري زندگي گذاري. سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’پيغام لطيف‘ ۾ لکي ٿو ته: ”انهي عرصي دوران چيو وڃي ٿو ته کيس غيبي آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته ’انت مهدي‘ شروع ۾ هن آواز کي ڪا اهميت نه ڏني، پر جڏهن اهو آواز مسلسل ڪيترن ورهين تائين سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳو، تڏهن هن کي يقين ٿي ويو ۽ پاڻ کي ’مهدي‘ ڪوٺائڻ لڳو. هي نائين صدي هجريءَ وارو زمانو هو، جڏهن هندستان ۾ سخت بدامني ۽ غير يقينيءَ وارو ماحول هو. روز بادشاهيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون هيون. اهڙي ڪا مرڪزي حڪومت باقي نه رهي هئي، جيڪا هندستان اندر مسلمانن جو شيرازو درست ڪري شريعتي دستور جاري ڪري سگهي. حق تي هلندڙ ديني عالم گهٽجندا رهيا ۽ منجهن دنيا جي لالچ گهر ڪري وئي هئي. جاهل پيرن جي عملن ڪري مسلمانن ۾ گمراهي ڦهلجڻ لڳي هئي. هي حال ڏسي سيد محمد جونپوريءَ شريعت کي زنده ڪرڻ، خلق خدا کي سنئين راهه تي آڻڻ ۽ مسلمانن کي شريعتي نظام مطابق هلائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. ٿوري عرصي ۾ هزارين ماڻهو سندس معتقد ٿيا ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا والي به سندس مريديءَ جي دائري ۾ شامل ٿي ويا. سنڌ ۾ به سندس ڪيترائي مريد هئا. ان دؤر جا ڪجهه اهم فوجي آفيسر ۽ روحاني پيشوا جهڙوڪ: شيخ صدرالدين جهڙا به هن جا مريد هئا. مشهور شاعر قاضي قادن به هن جو مريد چيو وڃي ٿو. ڪلهوڙا گهراڻي بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو به فڪري طور هن جو پوئلڳ هو. ’تحفته الڪرام‘ ۾ علي شير قانع لکي ٿو ته: ”آدم شاهه ڪلهوڙو هن جو پوئلڳ هو.“
اڄ به سنڌ ۾ ڪن جاين تي کيس مڃڻ وارا موجود آهن. سنڌ جا مهدوي پوئلڳ هندستان وارن کان مختلف آهن. سندن طور طريقا موثر هئا، جنهنڪري امير، فقير، اعليٰ ۽ ادنيٰ هڪ ئي ڌاڳي ۾ پوئجي ويا. سندس تحريڪ جا مکيه اصول هيٺيان هئا.
1- هجرت ڪرڻ: سندس چوڻ هو ته جيستائين ماڻهو قيدي وطن کان آزاد ٿي، گهر ٻار جو آسانگو لاهي لڳ لاڳاپا ڇڏي، جماعت ۾ داخل نه ٿيو آهي، ايستائين ان ۾ ڪا وڏي اميد رکڻ اجائي آهي. ان ڪري ان راهه ۾ هجرت ڪرڻ ضروري هو.
2- ترڪ مال: سندس رايو هو ته انسان جي راهه ۾ ٻي رنڊڪ جيڪا کيس اعليٰ ارادن ۽ ڪمن کان روڪي ٿي، اها حال ۽ ملڪيت جي محبت آهي، سندس حلقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو ضروري هو ته هو پنهنجي ملڪيت تحريڪ جي ميمبرن حوالي ڪري ته اهي ان کي تحريڪ جي راهه ۾ خرچ ڪن.
3- جان جي قرباني: انهيءَ تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو به ضروري شرط هو ته لاڳاپا لاهي، خوف خطرا ڦٽا ڪري، سر تريءَ تي رکي، مخالفن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃڻو هو. سندس اهو عقيدو هو ته شريعتي نظام قائم ڪرڻ لاءِ طاقت جو هٿ ۾ هئڻ ضروري آهي، ان لاءِ زور زبردستي ۽ تلوار استعمال ڪرڻ کان به نه ڪيٻائڻو آهي.
مهدي سڏائڻ تي سيد محمد جونپوريءَ جي عالمن ۾ مخالفت وڌي وئي، اصل ۾ سندس مريدن ۽ پوئلڳن به زيادتي کان ڪم وٺندي کيس مهدي آخر زمان سان تشبيهه ڏيڻ شروع ڪئي. جڏهن ته مجدد ۽ مهدي اسلام جا نئين سر زنده ڪندڙ پئي تسليم ڪيا ويا آهن. مسلمانن جي ڪجهه فرقن ۾ عقيدو آهي ته جڏهن مسلمان مذهب کان دور ٿي ويندا آهن ۽ مذهب ۾ ڪيئي بدعتون پئجي وينديون آهن ته هڪ هزار سال بعد مجدد پيدا ٿيندو آهي، پر مهدي تقريباً ساڳين مقصدن لاءِ صرف هڪ دفعو اچڻو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ دعويٰ سان اڄ تائين ڪيئي ماڻهو پيدا ٿيا آهن. اهي تحريڪون موجوده زماني جي زبان ۾ مهدوي تحريڪون سڏيون ويون آهن جيڪي ٻين تحريڪن سان تشبيهه رکندڙ ۽ هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون هيون، جن جو مکيه مقصد اهو پئي رهيو آهي ته مسلمانن کي منظم ڪري دنيا تي اسلام جو غلبو آڻجي. سيد محمد جونپوري افغانستان ۾ 911 هه/ 1505ع ۾ وفات ڪري ويو. (وڌيڪ ڏسو: تحريڪ مهدوي).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1438.00.00  عيسوي

سيد محمد جونپوري ، جونپوريءَ شهر ۾ 842 هه/ 1438ع ۾ پيدا ٿيو .


1505.00.00  عيسوي

سيد محمد جونپوري افغانستان ۾ 911 هه/ 1505ع ۾ وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿامس مان
سليم مگسي
ڀِندل
پرمانند هرداس مل
شميم آرا
انور علي شاهه ڊاڪٽر
چشتي مجاهد
مفتي آفتاب احمد
بخش علي خاصخيلي
شمشير خان اوزبڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون